شيخ عبدالرحيم سنڌي

شيخ، عبدالرحيم سنڌي: تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم اڳواڻ شيخ عبدالرحيم سنڌي، سنڌ جي مشهور عامل خاندان مان هو، جيڪو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو ڀڳوان داس هو. هندستان جو مشهور سياسي ليڊر آچاريه جيوترام ڪرپالاڻي (جيڪو 1947ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو پريزيڊنٽ هو) شيخ صاحب جو ڀاءُ هو. شيخ عبدالرحيم اسلام جي اصولن کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو ۽ هن دين جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ تمام گهڻو بهرو ورتو. شيخ عبدالرحيم سنڌي انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. پاڻ تحريڪ شيخ الهند جو نهايت سرگرم ۽ اهم ڪارڪن هو. ريشمي رومال واري تحريڪ جي ڪيس ۾ کيس انگريزن سازش جو هڪ اهم رڪن ۽ هندستان، حجاز ۽ ڪابل ۾ موجود سازش جي درميان ڪم ڪرڻ وارو رابطو قرار ڏنو. انگريزن کان آزاديءَ لاءِ جنود ربانيه جي نالي سان هڪ نوجوانن جي تنظيم ٺاهي وئي هئي، ان تنظيم ۾ شيخ عبدالرحيم کي ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو هو. هن تحريڪ ۾ خط و ڪتابت لاءِ ريشمي رومال کي ڪتب آندو ويو هو ۽ ان ۾ پهريون خط شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ جي نالي هو، جنهن ۾ شيخ صاحب کي ڪابل پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. جڏهن تحريڪ جو راز کليو ته سڀ کان پهرين جن انقلابين لاءِ گرفتاريءَ جو حڪم جاري ٿيو، انهن ۾ پهريون نالو شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ جو هو، پر شيخ صاحب ڪجهه عرصي لاءِ روپوشي اختيار ڪئي. روپوشيءَ دوران به آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪم ڪندو رهيو. سي.آءِ.ڊي وارن کي به پتو نه پئجي سگهيو ته هو ملڪ ۾ آهي يا ڪابل هليو ويو. اهڙيءَ طرح ريشمي رومال سازش ڪيس جي ملزمن جي فهرست ۾ شيخ صاحب جو تذڪرو هنن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي.
شيخ عبدالرحيم ساڪن حيدرآباد سنڌ، جنهن کي ريشمي خطن مان تشريحي خط موڪليو ويو هو، ڀڳوانداس زميندار جو پٽ آهي، هندو هو پوءِ مسلمان ٿيو آهي. ٻين باحيثيت هندن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش جي باعث ڪافي بدنام آهي. پيشي جي لحاظ کان درزي آهي. حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالرحيم جي گهر جي ڀرسان گاڏي کاتي ۾ رهي ٿو. شيخ ابراهيم سنڌي ايم. اي سابق پروفيسر حبيبه ڪاليج (ڪابل) عبدالمجيد مدير ‘الحق’ حيدرآباد ۽ مولوي عبيدالله جو شريڪ ڪار آهي. عبيدالله جي ڪابل ڏانهن سفر جي اهتمام ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪئي هئائين. سازش جي درميان رابطي جو ڪم ڪري ٿو، جنود ربانيه جي فهرست ۾ ڪرنل آهي. هينئر خبر نه آهي ته ڪٿي آهي! ممڪن آهي ته عبيدالله سان گڏ ڪابل ۾ هجي.”
هڪ دفعي شيخ صاحب گهر ۾هو ته سي. آءِ. ڊي وارن گهر جو گهيرو ڪيو، پر شيخ صاحب گهر جي ديوار ٽپي ڀرسان مسجد ۾ داخل ٿيو، جتان مسجد جي محراب جي دريءَ مان ٽپي ريلوي اسٽيشن پهتو، جتان ٿيندو سرهندي پيرن وٽ سرهند شريف پهتو. اتي ئي سندس وفات ٿي ۽ اتي ئي مدفون آهي، سندس وفات ۽ جنم جي تاريخ ملي نه سگهي آهي. شيخ عبدالرحيم کي ٻه ڌيئر هيون، جن جا نالا غلام فاطمه شيخ ۽ جنت شيخ هئا. غلام فاطمه شيخ حيدرآباد ۾ ورهاڱي کانپوءِ گرلز اسڪول قائم ڪيو هو. پاڻ پنهنجي آتم ڪٿا لکيائين، جيڪا سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿي آهي.


لفظ شيخ عبدالرحيم سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو